وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران سينيئر صحافي اشرف ممتاز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي اشرف ممتاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي اشرف ممتاز جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو. اشرف ممتاز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں