وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال جو 1450 کرب رپين جو جو وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو کان 35 سيڪڙو، پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز، ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1150 ارب روپيا هوندو،

image

اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 24 -2023ع جو 1450 کرب رپين جو وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو جڏهن ته پينشنرن جي پينشن جي مد ۾ 17.5 سيڪڙو جي اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1150 ارب روپيا رکيو ويو آهي، ترقي جو هدف صرف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي، ايندڙ سال ناڻي واڌ جي شرح اندازن 21 سيڪڙو تائين رهندي، بجيٽ خسارو 6.54 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو هوندو، روانگي واپار جو هدف 30 ارب ڊالر جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جو هدف 33 ارب ڊالر رکيو ويو آهي، ايف بي آر اوڳاڙين جو ڪاٿو 9200 ارب روپيا آهي جنهن ۾ صوبن جو حصو 5276 ارب روپيا هوندو، وفاق نان ٽيڪس محصول 2963 ارب روپيا، وفاقي حڪومت جي ڪل آمدني 6887 ارب روپيا هوندي، وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 14460 ارب روپيا آهي جنهن ۾ وياج جي مد ۾ ادائيگي تي 7303 ارب روپيا خرچ ٿيندا. ملڪي دفاع لاءِ 1804 ارب روپيا، سول انتظاميه جي خرچن لاءِ 714 ارب روپيا مختص ڪيا پيا وڃن، پينشن جي مد ۾ 761 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجلي گئس ۽ ٻين شعبن لاءِ 1074 ارب روپين جي رقم سبسڊي طور مخصوص ڪئي وئي آهي. آزاد ڪشمير گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيل ضلعن، بي آءِ ايس پي، ايڇ اي سي، ريلويز ۽ ٻين کاتن لاءِ 1464 ارب روپين جي گرانٽ مختص ڪئي وئي آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ماضي ۾ به ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هاڻي به پنهنجي اتحادي پارٽين سان گڏجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، حڪومت سياست نه رياست بچايو پاليسي تي عمل ڪيو، پنهنجي سياسي ساک جي قرباني ڏئي معيشت جي بحالي کي ترجيح ڏني. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال 24 -2023ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪيو. هن بجيٽ جي آغاز تي 2013ع کان 2017ع تائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور ۽ تحريڪ انصاف جي 2018ع کان 2022ع جي دور جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته مالي سال 17 -2016ع ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 6.1 سيڪڙو تي پهچي چڪي هئي، ناڻي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو جڏهن ته فوڊ انفليشن ۾ ساليانو سراسري اضافو صرف 2 سيڪڙو هو. بجلي جي نون منصوبن سان ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، ضرب عضب ۽ رد الفساد آپريشنز ۽ پاڪ فوج جي قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي ناسور تي ضابطو آندو ويو. پاڪستان ۾ امن امان ۽ سياسي استحڪام هو، انهن حالتن ۾ چونڊيل جمهوري حڪومت خلاف سازشن جو ڄار وڇايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ آگسٽ 2018ع ۾ هڪ سليڪٽيڊ حڪومت آئي جنهن جي معاشي ناڪامين تي ايترو ئي چوڻ ڪافي آهي ته جيڪو ملڪ 2017ع ۾ دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي چڪو هو اهو 2022ع ۾ 47 هين نمبر تي اچي ويو. اي پي پي جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت پاڪستان معاشي تاريخ جي مشڪل ترين مرحلي مان گذري رهيو آهي، ان معاشي صورتحال جي خرابي جو اصلي ذميوار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت آهي. موجوده حالتون گذريل حڪومت جي معاشي بدانتظامي، بدعنواني، عناد پسندي ۽ اقرباپروي جو ثبوت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جي غلط معاشي پاليسين جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17.5 ارب ڊالرن کان ٽپي ويو، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي، آءِ ايم ايف پروگرام جي تڪميل پاڪستان لاءِ انتهائي اهم هئي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ان نازڪ صورتحال ۾ حالتن کي ڄاڻي واڻي خراب ڪيو، پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ سبسڊي جي ذريعي گهٽتائي ڪئي وئي، اهڙا قدم کنيا جيڪي آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڀڃڪڙي هئا. اڳوڻي حڪومت جي ناڻي واري وزير فون ڪري ٻن صوبائي ناڻي وارن وزيرن تي شديد دٻاءُ وڌو ته هو پنهنجو قومي فرض انجام نه ڏيندي آءِ ايم ايف جي پروگرام کي تباهه ڪن. اهي قدم نئين حڪومت لاءِ باوردي سرنگهون وڇائڻ جي برابر هئا جنهن سان مالي خساري ۾ اضافو ٿيو ۽ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي لاڳاپن کي شديد نقصان پهچايو جڏهن ته چور مچائي شور جي برابر انهن سمورين حالتن جي ذميواري نئين حڪومت تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، کين يقين هو ته معاشي حالتون ايتريون خراب ٿي وينديون جو ڪو به پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائي نه سگهندو. هي انتهائي غير ذميوارڻو عمل هو، تنهن هوندي به وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادي پارٽين جي ڀرپور تعاون سان اهڙا معاشي فيصلا ڪيا پيا وڃن جنهن جي ڪري انهن ملڪ دشمن ماڻهن جا ارادا پورا نه ٿي رهيا آهن. اي پي پي جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير چيو ته موجوده اتحادي حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي آءِ ايم ايف پروگرام کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت کي خبر هئي ته پاڪستان کي معاشي بحالي لاءِ انتهائي مشڪل قدم کڻڻا پوندا جنهن سبب عوام کي مهانگائي ۽ غربت ۾ اضافي کي منهن ڏيڻو پوندو. روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ تيزي سان اضافي جي نتيجي ۾ معاشي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو، حڪومت سياست نه رياست بچايو پاليسي تي عمل ڪيو، پنهنجي سياسي ساک جي قرباني ڏئي معيشت جي بحالي کي ترجيح ڏني. هن چيو ته جون 2018ع ۾ پاڪستان جو سرڪاري قرض تقريبن 25کرب روپيا هو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي معاشي بدانتظامي ۽ بلند ترين بجيٽ خسارن جي ڪري اهو قرض مالي سال 22 -2021ع تائين 49 ٽريلين روپين تائين پهچي چڪو هو. چئن سالن جي دور ۾ ايترو قرض ورتو ويو جيڪو گذريل 71 سالن ۾ ورتل قرضن جو 96 سيڪڙو هو. هن چيو ته موجوده حڪومت بجيٽ خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪفايت شعاري کان ڪم ورتو، خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سبب بجيٽ خسارو گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي جو 7.9 سيڪڙو کان گهٽجي هن سال 7 سيڪڙو ٿي ويو، اي پي پي جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم شهباز شريف جي دور انديش قيادت ۾ پنهنجي سياسي نقصانن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو. ناڻي واري وزير چيو ته 9 مئي تي ٿيل المناڪ، شرمناڪ ملڪ دشمن واقعن ۾ سياسي پارٽي جو ويس پائي هٿياربند دهشتگرد جٿن پاڪستان جي سالميت، ساک ۽ قومي وقار کي مجروح ڪرڻ جي ڪڌي ۽ منظم سازش ڪئي، پاڪ فوج جي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دفاعي ٺڪاڻن کي بربريت جو نشانو بڻايو ويو، اهڙا ملڪ دشمن عنصر ڪنهن به صورت ۾ نرمي ۽ رحمدلي جا حقدار نه آهن، کين پاڪستان جي قانونن موجب سزائون ڏيڻ گهرجن ته جيئن آئنده ڪو اهڙو ڏوهه نه ڪري. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان کي ٻوڏ جي آَفتن کي منهن ڏيڻو پويو جنهن جي نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته گذريل هڪ مهيني ۾ حڪومت ٻه ڀيرا پيٽرولي مصنوعات جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي، جولاءِ 2022ع کان هن وقت تائين حڪومت تقريبن 12 ارب ڊالرن جي پرڏيهي قرضن جي ادائيگي ڪري چڪي آهي، ان جي باوجود ملڪي مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا 9 ارب 34 ڪروڙ ڊالر آهن، موجوده حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ اثرن ۽ مجموعي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب روپين کان وڌيڪ آبادگار پيڪيج ڏنو جنهن سبب زرعي شعبي ۾ 1.5 سيڪڙو گروٿ ٿي. ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير لاءِ 578 ارب روپين جي منصوبن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت ۾ بهتري جي رخ جي باوجود هاڻي به معيشت کي چئلينج درپيش آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ ترقي جو هدف صرف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي، زرعي شعبي جي بهتري لاءِ زرعي قرضن جي حد کي 1800 ارب روپين کان وڌائي 2250 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ملڪ ۾ معياري ٻجن جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورو امپورٽ ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ختم ڪيو پيو وڃي، چانورن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ سيڊر، رائس پلانٽرز ۽ ڊرائيرز کي به ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ جي تجويز آهي، وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت ننڍي ۽ وچولي درجي جي آسان قرضن تي مارڪ اپ سبسڊي لاءِ 10 ارب روپيا مختص ڪيا ويندا. امپورٽ يوريا ڀاڻ تي سبسڊي لاءِ 6 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته آءِ ٽي ۽ ان بابت خدمتن جي حوصلا افزائي لاءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ انڪم ٽيڪس جي 0.25 سيڪڙو رعايتي شرح جي سهولت 30 جون 2026ع تائين جاري رکي ويندي. فري لانسر کي گوشوارن ۽ سيلز ٽيڪسز رجسٽريشن کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، هڪ سادي ڪاغذ تي انڪم ٽيڪس ريٽرن جاري ڪيو پيو وڃي، 50 هزار ڊالر سالياني جي بنا ٽيڪس جي سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر امپورٽ ڪري سگهندا. ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مقامي سطح تي تيار ٿيل سنٿيٽڪ فيلمنٽ يارن تي پنج سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته پرڏيهي پاڪستانين لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي جي ذريعي غير منقوله جائيداد خريد ڪرڻ تي 2 سيڪڙو فائنل ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي، انهن لاءِ قرعه اندازي ذريعي وڏا انعام ڏيڻ لاءِ اسڪيم جاري ڪئي پئي وڃي. تعليم جي شعبي ۾ مالي مدد لاءِ پاڪستان انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 5 ارب ارب روپيا رکيا پيا وڃن. ايندڙ مالي سال لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 10 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، عورتن کي پاڻ تي ڀاڙڻ لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ رعايتي شرح تي قرضن جي فراهمي لاءِ 10 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽرسٽ بابت ٽيڪس مراعتن کي 30 جون 2024ڪع تائين واڌ ڏني پئي وڃي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ وڌائي 450 ارب روپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، بينظير تعليمي وظيفا پروگرام جو دائري ڪار 60 لک ٻارن کان وڌائي 83 لک ۽ ان مقصد لاءِ 55 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي، ملڪ جي شاگردن کي بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ لاءِ 6 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي مستحق ماڻهن کي اٽي، چانور، کنڊ، دالين ۽ گيهه تي سبسڊي لاءِ 35 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، استعمال ٿيل ڪپڙن تي لاڳو 10 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي کي ختم ڪيو پيو وڃي. اي پي پي جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير چيو ته ڪوئلي ۽ سولر مان بجلي جي پيداوار کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت پختو ارادو رکي ٿي، سولر پينل، انورٽر ۽ بيٽريز جي ڪچي مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي. ناڻي واري وزير هلندڙ مالي سال 23-2022ع جي نظرثاني ٿيل بجيٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ان بجيٽ ۾ ايف بي آر جا محاصل 7200 ارب روپيا رهڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ صوبن جو حصو 4129 ارب روپيا هوندو، وفاقي حڪومت کي نان ٽيڪس روينيو 1618 ارب روپيا هجڻ جي اميد آهي، وفاق جي محاصل 4689 ارب روپيا هوندا، ڪل خرچن جو ڪاٿو 11090 ارب روپيا آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي مد ۾ خرچ 567 ارب روپيا رهڻ جو امڪان آهي، دفاع تي گهٽ ۾ گهٽ 1510 ارب روپيا خرچ ٿيندا، سول حڪومت جي مجموعي خرچ 535 ارب روپيا، پينشن تي 654 ارب روپيا، سبسڊيز جي مد ۾ 1093 ارب روپيا ۽ گرانٽس جي مد ۾ 1090 ارب روپيا خرچ ٿيندا. ايندڙ مالي سال جا انگ اکر پيش ڪندي هن ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال ناڻي واڌ جي شرح اندازن 21 سيڪڙو تائين هوندي، بجيٽ خسارو 6.54 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو هوندو، روانگي واپار جو هدف 30 ارب ڊلر جڏهن ته مٽاسٽا ناڻي جو هدف 33 ارب ڊالر آهي، ايف بي آر محصول جو ڪاٿو 9200 ارب روپيا آهي جنهن ۾ صوبن جو حصو 5276 ارب روپيا هوندو، وفاقي نان ٽيڪس محصول 2963 ارب روپيا، وفاقي حڪومت جي ڪل آمدني 6887 ارب روپيا ٿيندي. وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 14460 ارب روپيا آهي جنهن ۾ وياج جي مد ۾ ادائيگي تي 7303 ارب روپيا خرچ ٿيندا. سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام لاءِ 950 ارب روپين جو بجيٽ مختص ڪيو ويو آهي ان کانسواءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ 200 ارب روپين جي اضافي رقم کانپوءِ مجموعي ترقياتي بجيٽ 1150 ارب روپين جي بلند ترين سطح تي هوندو، ملڪي دفاع لاءِ 1804 ارب روپيا، سول انتظاميه جي خرچن لاءِ 714 ارب روپيا مهيا ڪيا ويندا. پينشن جي مد ۾ 761 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، بجلي ، گئس ۽ ٻين شعبن لاءِ 1074 ارب روپين جي رقم سبسڊي طور مختص ڪئي وئي آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيل ضلعن، بي آءِ ايس پي، ايڇ اي سي، ريلويز ۽ ٻين ادارن لاءِ 1464 ارب روپين جي گرانٽ مختص ڪئي وئي آهي، ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ، آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، پينشن جي مستقبل جي خرچن جون بقايائون پوريون ڪرڻ لاءِ پينشن فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. هن چيو ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب روپيا آهي، اهڙي طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ارب روپيا هوندو، اها رقم جي ڊي پي جو صرف 2 سيڪڙو آهي، مسلم ليگ (ن) گذريل حڪومتي دور ۾ ان کي 5 سيڪڙو تائين پهچايو هو،هن ٻڌايو ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت 80 سيڪڙو تڪميل هيٺ منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو، سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ جديد ترين انفرااسٽرڪچر جي فراهمي لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو حصو مختص ڪيو ويو آهي، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ 267 ارب روپيا، واٽر سيڪٽر لاءِ 100 ارب روپيا، توانائي جي شعبي لاءِ 89 ارب روپيا، فزيڪل پلاننگ ۽ هائوسنگ لاءِ 43ا رب روپيا مختص ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سماجي شعبي جي ترقي لاءِ 244 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سائنس ۽ آءِ ٽي لاءِ 34 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، بجلي جي پيداوار، پهچ ۽ ورڇ جي بهتري لاءِ 107 ارب روپين جي رقم مهيا ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ بجلي جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، تجديد جوڳي توانائي جي وڌ کان وڌ استعمال جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي امپورٽ کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بجلي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ان شعبي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، ڄامشورو پاور پلانٽ جي تڪميل لاءِ ايندڙ مالي سال ۾ 12 ارب روپيا مختص ڪيا پيا وڃن، پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائن جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 16 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته مهمند ڊيم لاءِ ايندڙ مالي سال لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا پيا وڃن، داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 59 ارب روپيا، ديامير ڀاشا ڊيم لاءِ 20 ارب روپيا، نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا پيا وڃن، ڪراچي گريٽر واٽر سپلائي اسڪيم لاءِ 17 ارب 50 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات لاءِ 161 ارب روپيا جڏهن ته سوشل سيڪٽر لاءِ 90 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. اي پي پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي ٽيڪس پاليسي جي بنيادي اصولن ۾ روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ آءِ ٽي ۽ ان بابت خدمتن جي حوصلا افزائي، پرڏيهي ناڻو وڌائڻ لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي ترقي ۾ اضآفي لاءِ مقامي صنعتن جي سرپرستي، تعميرات، ايس ايم ايز ۽ زرعي شعبي جي حوصلا افزائي، ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن، سرندي وارن ماڻهن تي ٽيڪس لڳائڻ، مهانگائي جي ڪري گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ رليف ۽ نان فائلرز لاءِ ٽرانزيڪشن جي ڪاسٽ ۾ اضافو شامل آهي. هن چيو ته هن سال ڪو نئون ٽيڪس لاڳو نه پيو ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، روزگار جا موقعا وڌايا وڃن، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن، صنعتن جي حوصلا افزائي ٿئي، روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو وڃي جنهن سان پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي سگهن. هن چيو ته انڪم ٽيڪس جي حوالي سان قدمن ۾ ڪنٽريڪٽس، سپلائيرز ۽ سروسز تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، اميرن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ پاڪستان جي ٽيڪسيشن پاليسي جو رهنما اصول آهي، انهن تي لاڳو سپر ٽيڪس کي پروگريسو ٽيڪسيشن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ان جي ٽيڪس ريٽس کي آهستي آهستي وڌائڻ جي تجويز آهي، لسٽڊ ۽ نان لسٽڊ ڪمپنين تي 10 سيڪڙوجي شرح سان وڌ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، غير فعال ٽيڪس گذارن طرفان 50 هزار روپين کان وڌيڪ روڪ رقم ڪڍرائڻ تي 0.6 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، هن وقت 3 هزار پرڏيهي پاڪستان ۾ امير گهراڻن ۾ مددگار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، سراسري طور تي گهريلو مددگار کي ساليانو 6 هزار ڊالرن تائين جي پگهار ڏني ويندي آهي، گهريلو ملازمن کي ادا ڪيل رقم تي 2 لک روپيا ساليانو شرح سان وڌ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪريڊٽ ڊيبٽ ڪارڊ ۽ بئنڪنگ چئنلز جي ذريعي فارن ڪرنسي جي آئوٽ فلو جي حوصلا شڪني لاءِ فائلر تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي موجوده شرح هڪ سيڪڙو مان وڌائي 5 سيڪڙو ۽ نان فائلر تي اها شرح 10 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي. ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مصنوعات جي ريٽيلرز تي جي ايس ٽي جي موجوده شرح 12 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي، ان سان عام ماڻهو متاثر نه ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته صوبن وچ ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ هڪجهڙو ۽ هم آهنگ ٽيڪس نظام لاڳو ڪرڻ موجوده حڪومت جي وڏي ذميواري آهي، فاٽا ۽ پاٽا جي ضم ٿيل ضلعن کي پنج سالن لاءِ ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو هو جنهن جو مدو 30 جون 2023ع تي ختم ٿي رهيو آهي، ان ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ ڪئي پئي وڃي. پراڻي ۽ استعمال ٿيل 1800 سي سي تائين جي ايشين ميڪ گاڏين جي امپورٽ تي 2005ع ۾ ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز کي قيد ڪيو ويو هو، هاڻي 1300 سي سي کان مٿي جي گاڏين جي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪس تي ڪيپنگ ختم ڪئي پئي وڃي، گلاس مينوفيڪچرنگ ايسوسيئشن جي مطالبي تي مقامي شيشي کي پروٽيڪٽ ڪرڻ لاءِ اهڙي گلاس جي مختلف قسمن جي امپورٽ تي 15 کان 30 سيڪڙو تائين ريگوليٽري ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ ڊجيٽل پيمنٽس جي حوصلا افزائي لاءِ ريسٽورنٽس سروس تي ڪريڊٽ ڪارڊ جي ذريعي رقم ادا ڪرڻ تي ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي. اي پي پي جي رپورٽ موجب ناڻي واري وزير سرڪاري ملازمن، پينشنرز، فڪسڊ انڪم ماڻهن لاءِ کنيل رليف قدمن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته حڪومت کي سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ناڻي واڌ سبب عام ماڻهن وانگر سرڪاري ملازمن جي خريداري جي سگهه ۾ به نمايان گهٽتائي واقع ٿي آهي ان کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ملازمن جي خريداري جي قوت بهتر ڪرڻ لاءِ گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن لاءِ پگهارن جي 30 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو پيو وڃي، ڊيوٽي اسٽيشن کان ٻاهر سرڪاري سفر ۽ رات رهڻ لاءِ ڊيلي الائونس ۽ مائيلج الائونس 50 سيڪڙو، ايڊيشنل چارج، ڪرنٽ چارج ۽ ڊيپوٽيشن الائونس ۾ 12 کان 18 هزار روپين جو اضافو ڪيو پيو وڃي، اردلي الائونس 1750 مان وڌائي 2500 هزار روپيا، خصوصي ماڻهن لاءِ اسپيشل ڪنوينش الائونس ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، ملٽري جي ڪانسٽينٽ اٽينڊ الائونس ۾ 7 هزار کان 14 هزار، مجاز پينشنرز جو ڊرائيور الائونس 14 مان وڌائي 21 هزار ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي. سرڪاري ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار مان وڌائي 12 هزار روپيا ڪئي پئي وڃي، اسلام آباد جي حدن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڙي 25 هزار مان وڌائي 32 هزار روپيا ڪئي پئي وڃي، اي او بي آءِ جي پينشن 8500 مان وڌائي 10 هزار روپيا ڪئي پئي وڃي، قرضي ماڻهن جي بيواهن جي امداد لاءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گذريل ٻن دورن ۾ مختلف اسڪيمون جاري ڪيون ويون، مالي سال 24 -2023ع لاءِ اهڙي ئي اسڪيم هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي قرضي بيواهن لاءِ متعارف ڪرائي پئي وڃي، ان تحت انهن بيواهن ڏانهن ادا ڪرڻ جوڳو قرض 10 لک روپين تائين پاڪستان حڪومت ادا ڪندي، سي ڊي اين ايس جي شهداءَ اڪائونٽ ۾ ڊيپازٽ جي حد 50 لک مان وڌائي 75 لک روپيا ڪئي پئي وڃي، بهبود سيونگ سرٽيفڪيٽس ۾ به ڊپازٽ جي حد 50 لک روپين مان وڌائي 75 لک روپيا ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو غيور ۽ روشن خيال عوام ان حقيقت کان پوري ريت آگاهه ٿي چڪو آهي ته انهن جو اصل دوست ۽ خير خواهه ڪير آهي ۽ ملڪ ۽ قوم جو دشمن ۽ معاشي بدحالي جو ذميوار ڪير آهي، ميان شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور ۽ هاڻي وزيراعظم طور ڀرپور طريقي سان خلوص نيت سان عوام جي خدمت ڪئي آهي، موجوده اتحادي حڪومت 14 مهينن جي ٿوري عرصي ۾ مشڪلاتن ۽ سازشن جي باوجود عوام دوست قدم کنيا آهن ۽ ملڪ کي صحيح معنيٰ ۾ ڏيوالپڻي کان بچائي، بحرانن مان ڪڍي استحڪام جي راهه تي آندو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ماضي ۾ به ملڪ کي ڏکيائن مان ڪڍيو ۽ هاڻي به پنهنجي اتحادي حڪومت سان گڏجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں