قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث جاري، مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن جو بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ قدمن کي سٺو سنئوڻ قرار ، زرعي ۽ غذائي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ زرعي شعبي کي وڌيڪ مراعتون ۽ سهولتون ڏيڻ جو مطالبو

image

اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث اربع ڏينهن جاري رهيو، مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ قدمن کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي زرعي ۽ غذائي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ زرعي شعبي کي وڌيڪ مراعتون ۽ سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ڪجهه ميمبرن چين، ايران ۽ افغانستان سان بارٽر واپار ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ لاءِ جامع قدمن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي جاويد حسنين چيو ته پارليامينٽ کي سپريم بڻائڻ چاهيون ٿا، بجيٽ جي جوڙجڪ ۾ هن ايوان جو ڪردار هجڻ گهرجي، بجيٽ اجلاس ۾ ناڻي واري وزير جڏهن بجيٽ سيهڙيندو آهي ته ڊيوٽي ڏيندڙ عملي ۽ مددگار ادارن جي ملازمن لاءِ اعزازيه جو اعلان ٿيندو آهي پر ٽي ٽي ۽ چار چار سالن تائين کين ان اعزازيه کان محروم رکيو ويندو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ قدم بهترين آهن ۽ انشاءُ الله ان سان ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، جيستائين هاري خوشحال نه ٿيندو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ٽريڪٽر سازي تي ٻن ادارن جي هڪ هٽي آهي جنهن جي ڪري ٽريڪٽرن جي قيمت آبادگارن جي اوقات کان ٻاهر ٿي وئي آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ هارويسٽر جي مقامي سطح تي تياري لاءِ قدم کنيا وڃن، کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ تيل دار ٻجن جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان قدم کنيا وڃن.بجيٽ ۾ ڀاڻ تي سبسڊي خوش آئنده آهي، ان اسڪيم کي هارين لاءِ آسان بڻايو وڃي، بي اين پي مينگل جي آغا حسن بلوچ چيو ته ترقياتي منصوبن جي جوڙجڪ ۾ علائقن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، پگهارن ۾ اضافو بهترين فيصلو آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جي ڪري بيچيني آهي، ان حوالي سان قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سياسي ڳالهين جي آغاز جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي. ميمبرن ايران ۽ افغانستان سان واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدمن جو مطالبو ڪيو. سيد مبين احمد چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان جي آمدني 7 هزار ارب روپيا آهي ۽ بجيٽ 14 هزار ارب جو آهي، هن وقت ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ناهن، اسان سڀني کي گڏجي ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو.هن چيو ته اسان کي چين، ايران ۽ افغانستان سان بارٽر واپار کي هٿي ڏيڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي نوابزاده افتخار احمد چيو ته گذريل حڪومت جي غلط معاشي حڪمت عملي جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو خسارو 17 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي، واپاري خساري ۾ نمايان واڌ ٿي، ويندي ويندي پي ٽي آءِ حڪومت ايندڙ حڪومت لاءِ معاشي بارودي سرنگهون وڇايون، ان سان گڏوگڏ سي پيڪ منصوبن تي سستي جو مظاهرو ڪري چين ۽ سعودي عرب جهڙن دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو. هن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اندروني طور تي مشڪل فيصلا ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو ويو، پرڏيهي محاذ تي دوست ملڪن سان لاڳاپن کي نئين سر هموار ڪيو ويو. هن چيو ته 9 مئي ملڪي سالميت خلاف ڪڌي سازش هئي، جناح هائوس، جي ايڇ ڪيو، آرمي ٺڪاڻن، شهيدن جي يادگارن ۽ ريڊيو پاڪستان تي منظم طريقي سان حملا ڪيا ويا جيڪي افسوسناڪ آهن. هن چيو ته نئين مالي سال جو وفاقي بجيٽ مشڪل حالتن ۾ متوازن بجيٽ آهي، پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيڻ گهرجي ها پر مالي گنجائش موجب 30 ۽ 35 سيڪڙو جو اضافو بهتر آهي. رانا قاسم نون چيو ته مشڪل حالتن ۾ حڪومت متوازن بجيٽ پيش ڪيو آهي، هن چيو ته 9 مئي تي ملڪ سان جيڪا راند کيڏي وئي آهي ٻين قومن ۾ ان جو مثال نٿو ملي، 9 مئي پاڪستان جو نائين اليون آهي، اسان جي سماجي ۽ سياسي قدرن جو ڌڄيون اڏايون ويون، هي ڀارتي ۽ اسرائيلي ايجنڊا جي تڪميل جو حصو آهي، انهن واقعن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي. هن گوادر ايئرپورٽ جو نالو فيروز خان نون انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هو ان حوالي سان ايوان ۾ قرارداد آڻي. متحده مجلس عمل جي سيد محمود شاهه چيو ته هن وقت اسان معاشي طور تي نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون، عام ماڻهو پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي قيمتن سبب پريشان آهي، آئون ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان ته ضرورت موجب بهتر کان بهتر بجيٽ پيش ڪيو ويو. هن چيو ته معيشت جي ڳاڻيٽي جو 40 سيڪڙو دستاويزي آهي، جيڪڏهن دستاويزي معيشت مان 7 هزار ارب روپيا حاصل ٿي سگهن ٿا ته معيشت جي مڪمل صلاحيت مان اسان 14 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جو روينيو گڏ ڪري سگهون ٿا. ناڻي واري وزير ماضي ۾ روينيو ۾ اضافو مڪن ڪري ڏيکاريو هو ۽ اسان کي اميد آهي ته هو هاڻي به ان حوالي سان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندو. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ موسمياتي لحاظ کان موزون فصلن ۽ ٻجن جي پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي، ايف بي آر روينيو گڏ ڪرڻ وارو ادارو آهي، ان اداري ۾ ماهرن کي شامل ڪيو وڃي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں